ٽي ننڍا ناول

ٽي ننڍا ناول

ٽي ننڍا ناول

ٽي ننڍا ناول (ڪتاب ): هي ڪتاب هند سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جو لکيل آهي. هن مجموعي ۾ ٽي ننڍا ناول (1) اهي رشتا ناتا، (2) پيلي بتيءَ تي ۽ (3) ڪوٺ شامل آهن. هونئن ته ڪيترائي ننڍا ناول ڇپيا آهن، پر ٽي ناول هڪ ئي مجموعي ۾ پهريون ڀيرو ڇپيا آهن. هنن ٽنهي ناولن ۾ هڪ قسم جو اندروني لاڳاپو آهي، ان ڪري هيءَ ڪتاب سنڌي ناولن جي پهرين ٽرائلاجي آهي، اهڙي هڪ ٽرائلاجي سنڌي برک ليکڪ سراج ميمڻ جي ”سڀ رنگ سانول“ بعد ۾ ڇپجي پڌري ٿي. ڊاڪٽر موتيلال جوتواڻيءَ جي هن ٽرائلاجي جو پهريون ناول ”اهي رشتا ناتا“ جو مدن لال زندگيءَ کان ڪٽيل هوندي به ان سان گڏيل آهي، هو وڏي شهر جي دٻاءَ سبب پاڻ کي سوچ جي لحاظ کان عليحدگي پسند سڏي ٿو. پر روايت جي سطح تي هو پنهنجي آسپاس جي زندگيءَ کان منڪر نه آهي. هن ننڍي ناول جو پهريون ڇاپو 1982ع ۾ شايع ٿيو. ٻئي ننڍي ناول ”پيلي بتيءَ تي“ جو مک ڪردار منوهر لال هڪ شام جو دير سان گھر موٽي، کاڌو کائي ٻاهر نڪري وڃي ٿو ۽ اڌ رات تائين الائي ڪٿي ڪٿي گھمندو وتي ٿو، اهو ڏسي سندس زال کي محسوس ٿئي ٿو ته اٺن سالن اندر ئي سندس شادي شده زندگي جي روشني جھڪي ٿي رهي آهي. پر پوءِ منوهر لال روشنيءَ جي راهه تي موٽي اچي ٿو. هن ننڍي ناول جو پهريون ڇاپو 1974ع ۾ شايع ٿيو. ٽئين ننڍي ناول ”ڪوٽ“ ۾ مشرق ۽ مغرب هڪٻئي جي دوبدو بيٺا آهن، ان ۾ موهن لال ڀارتي ويچار هيٺ عورت جي آزاديءَ واري جدوجهد تي نظر ثاني ڪري ٿو. ناول جي هيروئن ”ليڊا“ پنهنجي مڙس کان ڌار ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو محسوس ڪري ٿي ته گھر ۾ سندس ننڍو پٽ آهي، جنهن لاءِ ڌيان جي ضرورت آهي. ان ڪري اسان جو ڪو به فيصلو پنهنجي رشتن جي ڌيان ڪرڻ کان سواءِ ٿيندو ته زندگي ۾ بي انتظامي پيدا ٿي ويندي. ”ناول ڪوٺ“ جو پهريون ڇاپو 1985ع ۾ پڌرو ٿيو. هنن ٽنهي ناولن جي ڪردارن، مدن لال، منوهر لال ۽ موهن لال جي زندگيءَ جي چوويهن ڪلاڪن جي نمائندگي ٿيل آهي. هي ٽئي ناول واقعي جا ٽي پڙاءَ آهن، جن ۾ انساني زندگي جون ٽي حالتون انساني رشتن جي حوالي خوبصورتيءَ سان چٽيل آهن. هيءَ ڪتاب (ٽي ننڍا ناول) ڊيمي سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل آهي، سپمرڪ پرڪاشن نيئن دهليءَ مان مارچ 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 100 رپيا آهي.


لفظ ٽي ننڍا ناولھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو